ٿيٻاٽ ڍنڍ

ٿيٻاٽ ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ ڳوٺ لڪي شاهه صدر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ٻن ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي . چيو وڃي ٿو ته ورهاڱي کان اڳ لڪي شاهه صدر جو ئي هڪ هندو سيٺ جوهرلال جيڪو مڇين ۽ پکين جو وڏو واپاري ٻڌايو وڃي ٿو ، سو هن ڍنڍ جي مڇي وڏي تعداد ۾ مارائي ، اٺن ذريعي لڪي ريلوي اسٽيشن تي آڻيندو هو ۽ اتان بعد ۾ ريل رستي هندوستان جي ٻين حصن ۽ ٻين ملڪن ۾ به اماڻيندو هو . هن ڍنڍ ۾ اڃا به مڇي ماري وڃي ٿي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو